Explanation
عبارت: تاريخ ۾ پھريون ڀيرو، پاڪستان جو جھنڊو کوڙڻ واريءَ جنهن خاتون جو ذڪر ڪيو ٿو، اھا ھئي بيگم صغرا ھدايت الله، جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ وومين ڪاميٽي جي صدر پڻ ھئي. سندس جنم جو ھنڌ سنڌ جو تاريخي شهر شڪارپور آھي. تن ڏينهن جي رواج مطابق کيس گھر ۾ تعليم ڏياري وئي۔
ان وقت ھندوستان تي انگريزن جو راڄ ھو ۽ سنڌ، بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪئي وئي ھئي، تڏهن نوجوان سياستدان کي بمبئي پريزيڊنسي طرفان صدر چونڊيو ويو ۽ ھو اٺن سالن تائين وزير رھيو. جڏهن مسلم ليگ، عورتن جي سب ڪاميٽي جوڙي وئي تہ ان جو صدر بيگم صغرا کي چونڊيو ويو۔
سندس ساٿي ڪارڪنن ۾ بيگم شعبان ۽ مس ولي محمد جا نالا ذڪر جوڳا آھن. ھن ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس ڪراچي شهر جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو. ان اجلاس کي بيگم ھدايت الله ۽ بيگم شفيع خطاب ڪيو۔
ھن عبارت ۾ صفت قطاري ڪيترا ڀيرا ڪتب آندو ويو آھي؟
ٻہ
ھن عبارت مان مرڪب لفظ چونڊيو؟
پاڪستان
ھن عبارت جي آخري جملي ۾ موجود ضمير جي ترڪيب ڪريو؟
ضمير اشارو، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعول
ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟
سوانح حيات
ھي عبارت فعل جي ڪھڙي زمان تي آڌاريل آھي؟
زمان ماضي